يوڪرين ۽ روس ۾ وڏي تعداد ۾ قيدين جي مٽاسٽا،سرڪاري تصديق

ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ سڀ کان وڏي قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي ثالثي ۽ ڳالهين ذريعي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ 450 کان وڌيڪ قيدين جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي.يوڪرين چيو آهي ته 230 قيدين، جن ۾ هٿياربند فوجن ۽ سرحدي محافظن جي ميمبرن کي روسي حراست مان آزاد ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين 248 روسين کي آزاد ڪري ڇڏيو، گذريل آگسٽ کان وٺي قيدين جي اها پهرين وڏي مٽا سٽا آهي.يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي سوشل ميڊيا تي لکيو ته اسان جا ماڻهو گهر اچي ويا آهن، اڄ روس جي قيد مان 200 کان وڌيڪ فوجين ۽ شهرين کي واپس آندو آهي.ٻئي طرف روسي بچاءَ واري وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڳالهيون مشڪل هيون.پرڏيهي ميڊيا موجب فيبروري 2022ع ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي ٻئي ملڪ ڪيترائي ڀيرا قيدين جو مٽا سٽا ڪري چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو