بدين: (ن س) بدين ۾ گذريل رات دير سان ڳوٺ مٺن راھوڪڙو( امام واھ) جي رھواسي ميگھواڙ برداري جي نوجوانن سان بدين گولاڙچي روڊ فتح آباد چوڪ ڀرسان حادثو پيش آيو ـ جنھن ۾ تيز رفتار ويگو گاڏي موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي پئي نتيجي ۾ ٻه نوجوان موھن ميگھواڙ ۽ تلسي ميگھواڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته اشوڪ ميگھواڙ زخمي ٿي پيو، ويگو وارو موقعي جو فائدو وٺي فوتين ۽ زخمين کي روڊ تي تڙپندو ڇڏي فرار ٿي ويو.اهڙي اطلاع تي ترائي پوليس انچارج فياض احمد ھالو ۽ ڊي ايس پي عبدالرحيم خاصخيلي حادثي واري جاء تي پھتا ۽ لاش ۽ زخمي کي انڊس اسپتال بدين پھچايو ـ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا وياـ پوليس طرفان گاڏي جي ڳولا جاري آھي، نوجوانن جا لاش گھر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو ـ ياد رھي ته ٻئي نوجوان غريب پورھيت ھئا ۽ ڏھاڙي تي مزدوري ڪندا ھئا ـ بدين ۾ ويجھي مائٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪري واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته ھي حادثو پيش آيو.










