اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ دڪانن جي کرايه ۽ ملڪيت جي منتقلي واري ڪيس ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ وڪيل کي 5 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي وڪيل تي ڏنڊ وڌو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته وڪيل لاڳاپيل دستاويز ڏيکارڻ بدران عدالت جو وقت ضايع ڪيو، درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان جي عمل سان عدالت جو توهان تي اعتماد ختم ٿي ويو آهي، ڏنڊ جي رقم پنهنجي پسند جي خيراتي اداي ۾ جمع ڪرايو ۽ رسيد ڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ به چيو ته عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو وڃي.وڪيل محمد شعيب خان عدالت جي بار بار طلب ڪرڻ باوجود دستاويز پيش نه ڪيا.
