اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت مهانگائي جو سالياني هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، مالي سال 2023-24 ۾ ملڪ ۾ سراسري مهانگائي 23.41 سيڪڙو هئي جڏهن ته مالي سال 2023-2024 لاءِ مهانگائي جو سالياني هدف 21 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو.شماريات جي وفاقي بيورو مهانگائي بابت پنهنجي ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جون ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.46 سيڪڙو اضافو ٿيو. موجب شماريات واري اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون ۾ مهانگائي جي شرح 12.57 سيڪڙو هئي ۽ مئي 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 11.76 سيڪڙو هئي.رپورٽ موجب جون دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 0.58 سيڪڙو جڏهن ته ڳوٺن ۾ 0.28 سيڪڙو وڌي وئي، مالي سال 2023-24 دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 24.12 سيڪڙو رهي.شماريات واري اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال ڳوٺن ۾ مهانگائي جي شرح 22.41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.ياد رهي ته 3 جون تي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 3.24 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ مئي ۾ مهانگائي جي شرح 11.76 سيڪڙو ٿي وئي هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مئي ۾ آلو 14.73 سيڪڙو، گوشت 4 سيڪڙو ۽ لوبيا 3.9 سيڪڙو، ٽماٽر، پياز 51 سيڪڙو، مرغي 35.2 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 22.7 سيڪڙو اضافو ٿيوشماريات بيورو جي رپورٽ موجب مئي ۾ مائع ٻارڻ 9.4 سيڪڙو، بجلي جي قيمتن ۾ 4.5 سيڪڙو ۽ موٽر فيول 3.18 سيڪڙو سستو ٿيو. جڏهن ته هڪ سال ۾ بجليءَ جي قيمتن ۾ 58.7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ٽرانسپورٽ سروسز ۾ 32.2 سيڪڙو ۽ سوٽي ڪپڙن جي قيمتن ۾ هڪ سال ۾ 23.2 سيڪڙو اضافو ٿيو.
سمنڊ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا دريافت ٿيڻ جو اندازو
پرويز سان ملاقات کان پوءِ شجاعت اسلام آباد ۾ اهم ملاقاتن جاري
باني پي ٽي آءِ جو نائب ڪپتان آهيان، ڀڄڻ جو سوچي به نٿو سگهان
ايف سي هيڊ ڪوارٽرز تي حملو ناڪام، 4 آپگهاتي بمبار مارجي ويا
آمنه بلوچ پرڏيهي سيڪريٽري مقرر، نوٽيفڪيشن جاري
پنجاب ۾ سي ٽي ڊي جون 475 ڪارروايون، 33 دهشتگرد گرفتار
جسٽس ستار خلاف توهين عدالت ڪيس جي ڪاز لسٽ منسوخ
پي آءِ اي جلد يورپ ۾ بحال ٿيندي: اسحاق ڊار
اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد
اداڪار نه هجان ها ته برياني جو دڪان هلايا ها: فهد مصطفيٰ
انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر
پاڪستان جي تاريخ.2قومي نظريو ۽ پاڪستاني قيادت جو ڪردار
سنڌيار سکر 07 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 07 سيپٽمبر 2024ع
قوم سياسي اختلا فن کي نفرت ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏئي، آرمي چيف
عوامي ميڙاڪن تي پابندي وارو قانون قومي اسمبلي مان به منظور
گاڏين جي خريداري تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد روڪڻ جو حڪم
وفاقي حڪومت جو 12 ربيع الاول تي عام موڪل جو اعلان
ٻاهر نڪري توکي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس: جاچ آفيسر کي ڌمڪي
ڏهرڪي ڀرسان پاڻي جي تلاءُ مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ