واقعي جو تعميراتي سرگرمين سان لاڳاپو ناهي: بي آر ٽي انتظاميا

واقعي جو تعميراتي سرگرمين سان لاڳاپو ناهي: بي آر ٽي انتظاميا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيپا چورنگي ۾ معصوم ٻار کليل گٽر ۾ فوت ٿيڻ بعد ڪي ايم سي جي رپورٽ تي بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪٽ انتظاميا طرفان وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي، بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪيٽ انتظاميا موجب واقعي جو تعميراتي سرگرمين سان لاڳاپو ناهي، جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته 30 نومبر 2025 جي رات ٽن ورهين جو ٻار ابراهيم کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو جيڪو وڏو ڏکائيندڙ واقعو آهي ۽ پراجيڪٽ انتظاميا ڏکايل خاندان سان برابر جي شريڪ آهي، ريڊ لائن بي آر ٽي جي ماحولياتي ۽ سماجي تحفظات جي مئنيجر موجب حادثو اهڙي جاءِ تي پيش آيو جيڪو بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميراتي علائقي کان ڪافي فاصلي تي آهي، جتي نه ڪا کوٽائي ٿي رهي هئي، نه بي آر ٽي جي ڪا مشينري، سرگرمي يا رڪاوٽ موجود هئي، بيان ۾ چيو ويو ته جيڪو کليل گٽر حادثي ۾ شامل هو، اهو پراڻي سيوريج چينل جو حصو آهي ۽ بي آر ٽي ريڊ لائن جي انتظامي يا عملي دائري ۾ شامل نه آهي، روڊ جي حالت مڪمل هئي ۽ حادثو بي آر ٽي سرگرمين سان لاڳاپيل نه آهي، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ڪي ايم سي جي سينئر ڊائريڪٽر جي خط سان غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو، جڏهن ته زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي، بي آر ٽي جا سڀ تعميراتي ڪم متعلق ادارن کان اين او سي حاصل ڪرڻ کان پوءِ شروع ٿيندا آهن ۽ کوٽائي ٿيڻ تي جاءِ فوري طور ڀري وڃي ٿي. حادثو پيش ايندڙ پارڪنگ ايريا اسٽور جي ملڪيت ۾ آهي ۽ بي آر ٽي تعميراتي ڪم کان ڪافي پري آهي، تنهنڪري حادثي کي بي آر ٽي سان ڳنڍڻ غير ذميوارانه آهي، انتظاميا چيو آهي ته پراجيڪٽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان هلندو آهي، تنهن ڪري سخت حفاظتي اصول لاڳو آهن ۽ نگراني جاري آهي، سڀني ڌرين سان تعاون جاري رکنداسين ۽ تعميراتي هنڌ تي تحفظ جا اعليٰ معيار برقرار رکيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو