هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ ھٽڙي پوليس ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت م گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ، پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او ھٽڙي ۽ ان جي ٽيم جو ڦورو ۽ منشيات فروشن سان مقابلو ٿيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شاگرد علي رند طور ٿي آھي، جڏھن ته سندس اڻڄاتل ساٿي 125 موٽر سائيڪل تي پوليس مٿان فائرنگ ڪندي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.گرفتار جوابدار جي قبضي مان 30 بور پسٽل ھٿ آيو آھي، گرفتار جوابدار منشيات فروش ۽ ڦورو ھو ، زخمي جوابدار کي علاج لاء سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي، فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاء پوليس ڇاپا ھڻي رھي آھي زخمي جوابدار خلاف پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيارن جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو