نيپا واقعو، ڪيترائي آفيسر معطل

نيپا واقعو، ڪيترائي آفيسر معطل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي گلشن اقبال علائقي ۾ ٻار جي گٽر ۾ ڪري پوڻ سبب فوت ٿيڻ تي ڪيترن ئي آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي لوڪل گورنمينٽ کاتي آفيسرن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي جي سينئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن گلشن اقبال راشد فياض کي معطل ڪيو ويو آهي.ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقار احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال عامر علي شاهه ۽ مختيار ڪار گلشن اقبال سلمان فارسي کي به معطل ڪيو ويو آهي.انهن آفيسرن کي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي معطل ڪيو ويو هو.ان کان اڳ، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نيپا چورنگي تي هڪ 3 سالن جي ٻار جي گٽر ۾ ڪري پوڻ سبب فوت ٿيڻ کان پوءِ سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ نيپا چورنگي واقعي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، ڪي ايم سي، ٽائون انتظاميا، روينيو ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي.مراد علي شاهه چيو ته کيس ٻار جي موت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، ۽ جيڪو به لاپرواهي ڪندو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ افسوسناڪ آهي.وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي اڄ ئي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو