نينگر سان ڏاڍائي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد

حيدرآباد (ن س )سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بينچ نينگر سان جنسي ڏاڍائي ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪندي کين جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،جوابدارن نيڪ محمد ۽ عاشان زرداري تي الزام آهي ته هنن جولاءِ ۾ 8 سالن جي نينگر سان جنسي زيادتي ڪئي هئي 11 جولاءِ 2023 تي نوابشاهه تعلقي ٿاڻي جي پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو،فريادي ڌر جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته طبي معائني دوران نينگر سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ٿي جاچ آفيسر چيو ته زيادتي واري واقعي جون وڊيوز به فراهم ڪيون ويون هيون، عدالت ٻنهي جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي

پهنجو تبصرو موڪليو