دوحا(ويب ڊيسڪ) مولانا فضل الرحمان جي قطر ۾ حماس جي قيادت سان ملاقات، مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ جي يو آءِ وفد قطر پهچي ويو، حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيا سان ملاقات ڪئي آهي،جي يو آءِ وفد پاران اسماعيل هانيا ۽ خالد مشعل سان ملاقات دوران فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو،مولانا فضل الرحمان، راشد محمود سومرو ۽ ٻين اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين لاءِ تعزيت به ڪئي،مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته وقت اچي ويو آهي ته فلسطنين سان گڏجڻو پوندو، اسرائيل معصوم فلسطنين کي شهيد ڪري رهيو آهي
