جي يو آءِ وفد جي افغان وزيراعظم سان ملاقات، تفصيلي ڳالهيون

ڪابل(ويب ڊيسڪ)جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان افغانستان جي اسلامي امارت جي امير ملا محمد حسن آخوند ملاقات ڪئي،وزيراعظم پاڪستاني عالمن جي وفد جي آجيان ڪئي ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته امارت اسلامي پرڏيهي قبضي خلاف وڏي فتح حاصل ڪئي،افغانستان جي عوام کي مبارڪون،افغانستان ۾ اسلامي نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيندو، جنهن جي برڪت سان ان جا مثبت اثر پوري اسلامي دنيا تائين پهچندا،اسان جي افغانستان جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ موجود غلط فهمين کي دور ڪرڻ آهي،ٻنهي ملڪن جي سياسي لاڳاپن، معيشت، واپار ۽ گڏيل ترقي ۾ سهڪار جا رستا ڳولهڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي،جي يو آءِ افغان پناهگيرن سان پاڪستان جي حڪمرانن جي رويي خلاف احتجاج جو آواز بلند ڪيو آهي،اسان ان قسم جي رويي کي غلط ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مسئلن جو سبب سمجهون ٿا،اسان هتي خير سگالي جو پيغام کڻي آيا آهيون، اميد آهي ته هي دورو مثبت نتيجا ڏيندو،افغان وزيراعظم مولا محمد حسن چيو ته اسان کي اميد آهي ته هي دورو ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۽ برادر عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مثبت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻجندو،افغانستان ۽ پاڪستان ٻه ملڪ آهن جن ۾ مختلف شعبن ۾ گهڻيون مشترڪات آهن، تنهنڪري هڪ کي ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي.افغانستان ۾ اسلامي نظام جي حڪومت آهي،عالم هر معاملي کي شريعت جي نقطه نگاهه سان ڏسن ٿا،افغانستان جي اسلامي امارت پاڪستان سميت ڪنهن به پاڙيسري ملڪ کي نقصان پهچائڻ يا مسئلا پيدا ڪرڻ جو ارادو ناهي،مسئلن جي حل ۽ غلط فهميءَ جي خاتمي لاءِ عالمن جو ڪردار اهم آهي،پاڪستاني اختيارين کي گهرجي ته افغان پناهگيرن سان پنهنجو ظالماڻو رويو بند ڪن ڇو ته اهڙي رويي سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن پر مخالفت ۽ مايوسي وڌندي آهي،ملاقات ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل طور سمورن مسئلن جي حل جا طريقا ڳولڻ گهرجن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان وڌيڪ مسئلا پيدا ٿين.مولانا فضل الرحمان سان مولانا عبدالواسع، مولانا صلاح الدين، مولانا کمال الدين، مولانا جمال الدين، مولانا سليم الدين شامزئي، مولانا امداد الله، مولانا ادريس، ڊاڪٽر عتيق الرحمان، مفتي ابرار به گڏ هئا.افغانستان جي اسلامي امارت جي چيف جسٽس مولوي عبدالحڪيم حسين حقاني، پرڏيهي وزير مولوي عامر خان متقي، حج ۽ اوقاف واري وزير شيخ الحديث مولوي نور محمد ثاقب ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي، پاڪستاني عالمن وفد سان مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي،پرڏيهي وزير مولوي امير متقي افغان پناهگيرن جي مسئلن کان علاوه افغان واپارين جي مسئلن جو به ذڪر ڪيو، پاڪستاني اختيارين طرفان ٽرانزٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو به ذڪر ڪيو ويو، جنهن سبب هر سال افغان واپارين کي وڏو مالي نقصان ٿيندو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تجارتي يا اقتصادي ٽرانزيڪشن کي سياسي مسئلن جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو