مهانگائي جي مجموعي شرح 42 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي.شماريات واري اداري دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 42 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.شماريات کاتي موجب هن هفتي دوران انڊا، ڪاٺ، پياز، لہسن ۽ دال سميت 18 ضروري شيون مهانگيون ٿي ويون آهن.ٻئي طرف شماريات واري اداري جو به چوڻ آهي ته هن هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.51 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.شماريات کاتي موجب 9 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 24 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو