مهانگائي برداشت ناهي ، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارواين جو حڪم

مهانگائي برداشت ناهي ، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارواين جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينه ضروري عام واهپي وارين شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ اختيار منظور ڪري ورتا آهن.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪار، خاص مددگارن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ منافعي خورن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.صوبائي ڪابينه اجلاس ۾ پرائس ڪنٽرول جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي خصوصي ميجسٽريٽ جي اختيارن سان نوازيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سخت پرائس ڪنٽرول جو حڪم ڏيندي اسسٽنٽ ڪمشنر کي فيلڊ ۾ متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته رمضان جي مهيني ۾ مهانگائي برداشت نه ڪنداسين. عوام کي سرڪاري قيمتن تي شين جي فراهمي هر صورت ۾ يقيني بنائيندي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آگاهه ڪيو ته رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. 870 دڪانن جي چيڪنگ ڪئي وئي ۽ 24 لک روپيه ڏنڊ لڳايو ويو.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ذخيرو ڪندڙ ۽ منافعي خورن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. رمضان جي مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب پرائس ڪنٽرول ايڪٽ جي تحت فوري ڏنڊ ۽ ڪارروائي جا اختيار ڏنا ويا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ڪندڙن جي خلاف فوري قدم کنيو وڃي. سنڌ ڪابينه ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري سان پرائس ڪنٽرول کي موثر بنائڻ جو ارادو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، سخت نگراني جاري رکنداسين. رمضان جي مهيني ۾ سرڪاري قيمتن تي عمل هر صورت ۾ يقيني بنايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو