مدئجي، ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 1زخمي

مدئجي، ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 1زخمي

مدئجي: (ن س) مدئجي ڀرسان امروٽ ٿاڻي جي حد نئي پل بس اسٽاپ سکر لاڙڪاڻو مين روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ امروٽ واسي موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان عبدالسلام دل ۽ محفوظ احمد دل موقعي تي فوت ٿي ويا، حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ڪامران دل سخت زخمي ٿي پيو.اهڙي اطلاع ملڻ بعد امروٽ پوليس فوتن جا لاش ۽ زخمي نوجوان کي مدئجي اسپتال کڻائي پهتا، جتي هڪ زخمي ڪامران دل جي حالت نازڪ هجڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو آھي، هوڏانهن امروٽ پوليس ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پنهنجي تعويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو