ماڻهن کي گم ڪندڙن خلاف موت جي سزا جي قانون سازي ٿيڻ گهرجي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي آزادي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ سيڪٽر ڪمانڊر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته مان بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ سيڪٽر ڪمانڊر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن ضرورت پئي ته وزيراعظم کي به گهرائيندس. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو اهي اغوا ڪندڙن جو پتو نه لڳائيندا ته گهر ويندا، مان آءِ جي کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن ڪو گم ٿيندو ته ذميواري ان تي هوندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بچاءَ واري سيڪريٽري کان سومر ڏينهن رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت حڪم ڏنو ته بچاءَ وارو سيڪريٽري آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ کان رپورٽ وٺي جمع ڪرائي. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته شاعر احمد فرهاد کي گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي ڳالهائڻ سبب کنيو ويو آهي، اها شرم جوڳي ڳالهه آهي ۽ اسان سڀني کي خبر آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي، مان ته چوان ٿو قانون سازي ٿيڻ گهرجي، گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ موت جي سزا هجڻ گهرجي، اميد ته اسان جي چوڻ تي ايڪٽ ٺهندو. هن چيو ته اهي ماڻهو مسنگ آهن، جيڪي ڳالهائيندا آهن ۽ انهن ۾ اڪثر صحافي آهن، سياسي ايڪٽيويٽس کي به کنيو ويندو آهي، اطلاعات واري وزارت ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن همراهه آزاد نه ٿيو ته سڀني خلاف ڪارروائي لاءِ لکندس. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو