ڄامشورو: (ن س) ڄامشورو ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب 3 پورھيت فوت ٿي ويا آهن.لاکڙا ڪول مائنز جي بلوچستان ڪول ڪمپني ۾ انتظاميا جي لاپرواھي سبب زھريلي گئس ڀرجڻ سبب ڪي پي ڪي واسي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.فوت ٿي ويلن ۾ شوڪت پٺاڻ، ڪامران پٺاڻ ۽ سراج پٺاڻ شامل آھن، جن کي ساٿي پورھيتن فوري طور تي کاڻ مان ڪڍي ضروري ڪاروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.واضح رهي ته لاکڙا ڪول مائنز جي ڪمپنين ۾ انتظاميا جي لاپراواھي سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن پر لاڳاپيل کاتي پاران مالڪن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگھي، جنھن سبب اڄ وري 3 پورھيت فوت ٿي ويا آهن.










