لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي شهر جي لُهر ڪالوني ۾ مبينا طور گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽن گهرن جون ڇتيون ڌماڪي سان ڪِري پيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ياسمين مغيري فوت ٿي وئي جڏهن ته مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا دٻجي سخت زخمي ٿي پيا.اهڙي اطلاع تي ريسڪيو1122 جي ٽيم ۽ ميونسپل عملي سميت علائقي واسين واقعي واري هنڌ پهچي زخمي 12 سالن جي عليشا، 10 سالن جي زويه، انوشا ۽ عورتن توڙي ٻين ٻارن کي ملبي هيٺيان ڪڍي علاج لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.ان حوالي سان علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مختيار جتوئي جي گهر ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب مختيار جتوئي، قربان مغيري ۽ عرفان رند جي گهرن جون ڇتيون ڌماڪي سان ڪِري پيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ياسمين مغيري فوت جڏھن ته مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا دٻجي زخمي ٿي پيا آهن.










