اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ خلاف هڪ هزار 90 درخواستن جي ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اٽارني جنرل عدالت کان مهلت طلب ڪئي، جنهن کي چيف جسٽس رد ڪري ڇڏيو ۽ اٽارني جنرل کي اڌ ڪلاڪ ۾ تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي ان دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ان ڪيس ۾ اٽارني جنرل کي ڪو به نوٽيس ناهي، هو پنهنجا دليل ڏيڻ چاهي ٿو، عدالت ڪجهه وقت ڏئي.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اوهان پاڻ لکي چئو ٿا ته عامر رحمان نااهل آهي ۽ دليل نه ٿو ڏئي سگهي ته پوءِ ٺيڪ آهي، اسان ۾ جرئت ناهي ته عامر رحمان کي نااهل چئي سگهون، ايترو وڪيل موجود آهي، ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بجلي جي اگهن تي ڪيس جا انبار لڳل آهن، هو دليل ٻڌڻ کانپوءِ 16 آڪٽوبر تي فيصلو ٻڌائيندا، ان ڏينهن وڊيو لنڪ جي سهولت فراهم نه ڪئي ويندي، سمورين ڌرين کي اسلام آباد اچي دليل ڏيڻ گهرجن.جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
