ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائيندڙ جوابدار کي الزام ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪيس ۾ جوابدارن جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.عدالت جوابدار مشتاق عرف شاهه جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کيس باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته پراسيڪيوشن ۽ پوليس جوابدار تي الزام ثابت نه ڪري سگهيا آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن جوابدار تي ٻيو ڪو به ڪيس ناهي ته کيس جيل مان آزاد ڪيو وڃي.پوليس موجب جوابدار خلاف 2012ع ۾ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جو مبينا ٽارگيٽ ڪلر آهي.۽ کيس دهشتگردي جي انت واري عدالت ٽارگيٽ ڪلنگ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.
