غزه ۾ 4 ڏينهن واري جنگ بندي شروع

غزه ۾ 4 ڏينهن واري جنگ بندي شروع

غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت غزه ۾ 4 ڏينهن واري جنگ بندي باضابطه طور تي شروع ٿي وئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب عارضي جنگ بندي مقامي وقت موجب صبح 7 وڳي شروع ٿي جيڪا ايندڙ 4 ڏينهن يعني اڱاري جي صبح 7 وڳي تائين جاري رهندي.عرب ميڊيا موجب 2 آئل ٽينڪر ۽ هڪ گيس ٽينڪر رفح ڪراسنگ کان غزه ۾ داخل ٿي ويا، جڏهن ته غزه پٽي جي ڏاکڻي علائقن مان اسرائيلي فوجي جهازن جون اڏامون بند ڪيون ويون آهن.ميڊيا رپورٽن موجب جنگبندي معاهدي تحت حماس ۽ اسرائيل گروپن ۾ يرغمال بڻيل يرغمالين کي آزاد ڪندا ۽ روزاني جي بنياد تي امداد جون 200 ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو