غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ ويڙهه دوران وڌيڪ 5 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.اسرائيلي فوج به پنهنجي فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.اسرائيلي فوج موجب غزه ۾ زميني ڪاررواين ۾ وڌيڪ 5 فوجي مارجي ويا، جنهن کانپوءِ غزه جي پٽي تي زميني حملي ۾ مارجي ويل فوجين جو انگ 43 ٿي ويو آهي.اسرائيلي اخبار جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ڇنڇر تي اتر غزا پٽي ۾ ويڙهه دوران هڪ آفيسر ۽ 4 فوجي سخت زخمي ٿي پيا.ٻئي طرف غزه ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 11 هزار 78 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 هزار 800 ٻار ۽ 3 هزار عورتون شامل آهن.
