آمريڪي شرط، غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ تي ووٽنگ نه ٿي سگهي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)سلامتي ڪائونسل ۾ چوٿين ڏينهن به غزه جنگ بابت قرارداد تي ووٽنگ نه ٿي سگهي.مسودي ۾ تبديليون ڪندي آمريڪا قرارداد تي راضي ٿي ويو، جڏهن ته فلسطين ۽ روس ان حوالي سان اختلاف ڪيو.ٻئي طرف آمريڪي ميڊيا الشفا اسپتال ۾ حماس جي موجودگي جي اسرائيلي دعويٰ کي شڪي قرار ڏيندي چيو آهي ته اسرائيل حماس طرفان اسپتالن جي استعمال جا ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي جنگ حماس جو اثر وڌائي ڇڏيو آهي، پاڻ کي مسلمان دنيا ۾ فلسطيني مقصد جي محافظ جي حيثيت ۾ رکيو ويو آهي.ان حوالي سان ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته اسرائيل جا قدم يهودي رياست جي حمايت کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن.ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته هو قيدين جي تبادلي تي ڳالهه ٻولهه نه ڪندا جيستائين اسرائيل طرفان جاري نسل ڪشي بند نه ٿيندي. ۽ اسان ڪنهن به قدم لاءِ تيار آهيون جيڪو اسان جي ماڻهن خلاف جارحيت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو