غزه(ويب ڊيسڪ)جباليا، خان يونس سميت ڪيترن ئي علائقن تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري آهن، جنهن ۾ وڌيڪ 35 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ وڌيڪ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.اسرائيلي فوج ڪمال عدوان اسپتال ۾ بي گھر ٿيل فلسطينين جي خيمن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو.ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي قوتن غزه جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فوج تي راڪيٽن، مارٽر گولن ۽ سنائپر رائفلز سان حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا.ان دوران اسرائيل، قطر ۽ مصري اختيارين وچ ۾ غزه ۾ نئين عارضي جنگ بندي لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن.










