عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهرائڻ کان انڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان اڊيالا جيل ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو.اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي ايس پي جيل چيو ته آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت گرفتار جوابدارن سان پرڏيهه ۾ ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.عدالت ايس پي اڊيالا جيل کان قيدين سان فون تي ڳالهائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪري ورتا.عدالت جي جج ابوالحسنات اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ کي 18 آڪٽوبر تائين ايس او پيز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو