عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تي عمل ڪرڻ عدالتي فيصلي سان مشروط

عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون تي عمل ڪرڻ عدالتي فيصلي سان مشروط

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون جي ٽن شقن تي عملدرآمد جو حڪم عدالتي فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو،لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ عزت کي ڇيهو رسائڻ واري قانون خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس امجد رفيق پڇاڻو ڪيو ته توهين جو قانون اظهار جي آزادي ۽ بنيادي حقن جي خلاف ڪيئن آهي؟ جنهن تي وڪيل درخواستگذار کي چيو ته توهين جي قانون موجب توهان بغير ثبوتن جي ڪارروائي ڪري سگهو ٿا.جسٽس امجد رفيق چيو ته جيڪڏهن وڏو وزير بيان ڏئي ته توهان ان کي عدالت ۾ آڻيو، اهو غلط آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته وڏو وزير ڪوڙ نه ڳالهائي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پنجاب جو اطلاعات وارو وزير صبح کان شام تائين ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان قانون ۾ جوابدار کي ٽرائل کان اڳ 30 لک ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.لاهور هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي سندن مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، فيصلي ۾ توهين جي قانون جي سيڪشن 3، 5 ۽ 8 تي عمل ڪيو ويو. عدالت پنجاب حڪومت ۽ ٻين کان به جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو