عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي) اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران بئريسٽر علي طاهر چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.وڪيل جي بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عدالت پڇاڻو ڪيو ته عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ويو؟ عدالت چيو ته پوليس عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس اڄ داخل ڪري. ڪيس داخل ٿيو ته جاچ ٿيندي ته سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.عدالت پوليس کي 18 آڪٽوبر تي ڪيس داخل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کان 18 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو