راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنڊي بينچ پوليس کي شيخ رشيد کي هڪ هفتي اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي نظربندي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آر پي او راولپنڊي سيد خرم علي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت آر پي او کان پڇاڻو ڪيو ته شيخ رشيد ۽ ان سان گڏ ٻه ٻيا ماڻهو ڪٿي آهن، توهان اهو لکي عدالت کي ڏيندا يا شيخ رشيد کي پيش ڪندا؟ عدالت جي درخواست تي آر پي او عدالت کان وڌيڪ 15 ڏينهن جي مهلت طلب ڪري ورتي. ان تي عدالت چيو ته 15 ڏينهن تمام گهڻا آهن، اهو ڪو معمولي ڪيس ناهي، ٻه ڏينهن به گهڻا هوندا.جسٽس صداقت علي چيو ته درخواستگذار سردار عبدالرزاق جي درخواست تي وڌيڪ 7 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيو آهيان، جيڪڏهن شيخ رشيد هڪ هفتي اندر پيش نه ٿيو ته عدالت ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
