شهباز جي منظوري ۽ حماد جا ڪاغذ رد ڪرڻ تي نوٽيس

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 132 تي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.اپيليٽ ٽربيونل ريٽرننگ آفيسر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.ان حوالي سان اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهباز شريف آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي.ان کان علاوه پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف داخل اپيل تي به ٻڌڻي ٿي.اليڪشن ٽربيونل آر او کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته رٽرننگ آفيسر قانون جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو