شراب تي پابندي وارو بل رد ٿيڻ شرمناڪ عمل آهي

شراب تي پابندي وارو بل رد ٿيڻ شرمناڪ عمل آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته شراب تي مڪمل پابندي وارو بل 2018ع ۾ قومي اسيمبلي ۽ هاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ رد ٿيڻ شرمناڪ عمل آهي. اُمُّ الخبائث بابت الله ۽ رسولﷺجا حڪم قرآن ۽ سنت جي صورت ۾ صاف ۽ واضح طور تي موجود آهن، اُن جي باوجود اسيمبلي ميمبرن پاران ڏنل راءِ سندن دين بيزاري ۽ دين دشمني تي ٻڌل سوچ کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. وياج ۽ شراب تي پابندي جي مخالفت ڪرڻ الله ۽ رسولﷺجي حڪمن خلاف اعلانِ جنگ ۽ عذابِ الاهي کي دعوت ڏيڻ جي مترادف آهي.صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جيڪا حڪومت سگريٽ تي پابندي لڳائي ٿي پر شراب تي پابندي کي عوامي مفاد جي خلاف سمجهي ٿي، اُن مان ڪنهن به ڀلائي جي اميد نٿي رکي سگهجي. شراب جي وڪري جي اجازت ڏيڻ پاڪستاني عوام ۽ نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. اقليتن جي آڙ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين شراب جي کلي عام وڪري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پوليس، ايڪسائيز کاتي جي اعلى عملدارن ۽ ڊيلرن جي ملي ڀڳت سان هوم ڊليوري سروس پڻ فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب عورتون، نوجوان شاگرد ۽ بزرگ تيزي سان هن موذي مرض جو شڪار بڻجي رهيا آهن ۽ معاشرو تيزي سان بي راهه روي ڏانهن وڌي رهيو آهي.صوبائي امير وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان پُرزور مطالبو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ شراب جي پرمٽن ۽ گُتن تي فوري پابندي لاڳو ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي. هوڏانهن هن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر انيل ڪمار پاران شراب تي پابندي جي قرارداد پيش ڪرڻ تي پڻ کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو