سکر،  بدامني ۾ واڌ، ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

سکر، بدامني ۾ واڌ، ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل

سکر: (ن س) سکر بدامني جي ور چڙھي ويو، ڦر چورين جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا، انتظاميه بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي.سکر ڀرسان ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ لا جي شاگرد صدام لاشاري کي ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن گوليون هڻي ڪري ڇڏيو. انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته وڪيل نديم لاشاري جي ڀاڻيجي صدام لاشاري کي هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.انهي حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ ورن کانئس گاڏي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان مٿان سڌا فائر ڪري کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو