ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سٺي جمهوريت ميڊيا جي آزادي سان ڪامياب ٿيندي آهي، سموري دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. تفصيل موجب شرجيل ميمڻ چيو ته پهريان ماڻهن جي اخبارن سان هاڻ موبائيل سان صبح ٿيندي آهي، سوشل ميڊيا تي خبرون 24 ڪلاڪ ڇپجنديون آهن، اليڪٽرانڪ ميڊيا اخبار کي ٽف ٽائيم ڏنو آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اخبار جي شعبي کي ترقي ملي، سوشل ميڊيا تي مختلف خبرون غلط هونديون آهن. ٽي وي تي به بريڪنگ جي چڪر ۾ ڊوڙ لڳل رهندي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اخبارن کي مضبوط ڪريون.هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته ميڊيا اڳتي وڌي، سٺي جمهوريت ميڊيا جي آزادي سان ڪامياب ٿيندي آهي، پ پ مشڪل دور ۾ ميڊيا سان گڏ بيٺل رهي آهي.صوبائي وزير چيو ته ڪجهه دورن ۾ پ پ بدترين ميڊيا ٽرائل جو شڪار رهي آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به بدلو وٺڻ جي سياست ناهي ڪئي، هر دور ۾ ميڊيا ۾ مختلف اينڪرز کي آف ايئر ڪرايو ويندو هو.شرجيل ميمڻ پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان چيو ته ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ملڪ جي خلاف بيانيو هلايو ويو، پي ٽي آءِ باني جنرل باجوه کي تاحيات واڌ ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو.صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ نفرت جي باهه پکيڙي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس صحيح هئي. ٻاهران ويهي سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪئي وئي. اهي ماڻهو پرڏيهي ملڪ کان ٽوئيٽ ڪندا آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي اها ناڪام سازش آهي جيڪا ڪامياب نه ٿيندي.










