حيدرآباد: (ن س) حيدرآباد ۾ سي اين جي فلنگ اسٽيشن تي هڪ وين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر سخت زخمي ٿي پيا.حيدرآباد بائي پاس تي سي اين جي فلنگ اسٽيشن تي ان وقت افراتفري مچي وئي جڏهن ڪراچي کان ايندڙ هڪ مسافر وين ۾ گئس ڀرائيندي اوچتو باهه لڳي وئي ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ سڄي گاڏي باهه ۾ سڙي رک ٿي وئي.ريسڪيو ذريعن موجب باهه لڳڻ دوران هڪ زوردار ڌماڪو پڻ ٻڌو ويو، جيڪو سلنڈر ڌماڪي سبب ٿيڻ جو شڪ آهي. واقعي کان فوري پوءِ سي اين جي گئس فلنگ اسٽيشن کي خالي ڪرايو ويو ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي باهه وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون.ريسڪيو ترجمان چيو ته باهه لڳڻ وقت مسافر وين ۾ هئا، پر جيئن ئي باهه لڳي ته گهڻا ماڻهو پاڻ گاڏي مان ٻاهر نڪري محفوظ هنڌ تي پهچي ويا.اٺ مسافر سڙي زخمي ٿيا، جن مان هڪ کي ريسڪيو ايمبولينس ذريعي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ست زخمين کي پوليس موبائل ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب، هڪ مسافر 40 سيڪڙو سڙي وڃڻ سبب نازڪ حالت ۾ آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ٻين سڀني زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر قرار ڏني آهي.










