ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت کي عوامي هنڌن تي ٽوائلٽ ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ عوامي هنڌن تي ٽوائلٽس نه هجڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالت چيو ته سنڌ حڪومت 32 ضلعن ۾ عوامي هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهي.عدالت چيو ته پبلڪ ٽوائلٽس نه ٺاهڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.










