سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي سياري جي سالياني موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تعليم کاتي جي ترجمان موجب صوبي ۾ سياري جون موڪلون 22 کان 31 ڊمسبر تائين ڪيون وينديون. ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورا سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا پهرين جنوري کان معمول موجب کليل رهندا. جڏهن ته انهن موڪلن جي دوران بورڊ جا ضمني امتحان پنهنجي شيڊول موجب جاري رهندا.ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سمورن سرڪاري ۽ نجي ڪاليجز کي هدايت ڪئي آهي ته اهي نوٽيفڪيشن تي مڪمل طور تي عمل ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو