اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) عمران خان ۽ شاهه محمود خلاف سائفر ڪيس ۾ چالان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.ايف آءِ اي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ سائفر ڪيس جو چالان جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي مجرم قرار ڏنو ويو آهي.ايف آءِ اي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي چالان ۾ پيش ڪرڻ ۽ سزا ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري اسد عمر جو نالو ايف آءِ اي جي جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ناهي. جڏهن ته چالان ۾ اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ايف آءِ اي جو مضبوط شاهد آهي ۽ چالان سان اعظم خان جو قلم 161 ۽ 164 جو بيان به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چالان موجب چيئرمين پي ٽي آءِ سائفر کي رکيو ۽ رياست کي ڳجهن رازن جو غلط استعمال ڪيو. چالان موجب سائفر ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ پهتي پر واپس نه ڪئي وئي. ذريعن موجب چالان ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود جي 27 مارچ جي تقرير جو ٽرانسڪرپٽ شامل آهي ۽ 28 شاهدن جا 161 بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ چالان سان ڳنڍيل آهن. ايف آءِ اي چالان سان گڏ 28 شاهدن جي لسٽ سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي شاهدن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري فيصل نياز تيمرزي ۽ پرڏيهي وزارت کان وٺي وزيراعظم تائين چين جا سمورا آفيسر شامل آهن.
