اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت قائم اسپيشل عدالت شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي بند ڪمري ۾ ڪئي، جنهن ۾ ايف آءِ اي شاهه محمود کي عدالت ۾ پيش ڪيو.شاهه محمود قريشي طرفان سينيئر ايڊووڪيٽ شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي جو اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيو.اسپيشل پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ريلي ۾ سيفر وڄايو، جڏهن ته شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته سيفر جون ڪيتريون ڪاپيون ٿي سگهن ٿيون.ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير جي حيثيت سان هن سائفر پرڏيهي معاملن واري وزارت کي موڪليو، هن سائفر چوري ناهي ڪيو.ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه محمود قريشي جي وڌيڪ 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن جي شعيب شاهين مخالفت ڪئي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شاهه محمود جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن ۾ ڪجهه دير کانپوءِ واڌ ڪئي وئي.عدالت شاهه محمود قريشي کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ايف آءِ اي اڳواڻ سان گڏ روانو ٿي ويو.
