اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خاص عدالت عمران خان ۽ شاهه محمود تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ 17 آڪٽوبر تي مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ اسپيشل ڪورٽ جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود خلاف اڊيالا جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي، وڪيل صفيٰ سلمان صفدر، ايف آءِ اي ٽيم ۽ جاچ آفيسر پيش ٿيا. ان دوران شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ ۽ پٽ زين قريشي به اڊيالا جيل پهچي ويا.ٻڌڻي دوران چالان جون ڪاپيون سائفر ڪيس ۾ ورهايون ويون.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي چارج شيٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي جيڪا 17 آڪٽوبر تي ٿيندي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
