روس پاران غزه ڏانهن انساني امداد موڪلڻ جو اعلان

ماسڪو(ويب ڊيسڪ)روس غزه ڏانهن انساني امداد موڪلڻ جو اعلان ڪيو.روس غزه جي شهرين لاءِ 27 ٽن انساني امداد موڪليندو.ان کان علاوه روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو آهي ته غزه بحران جو ذميوار ايران کي قرار ڏيڻ جون ڪوششون اشتعال انگيز آهن.روسي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ غزه تڪرار پکڙجڻ جا سنگين خطرا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو