ڀنگ (ويب ڊيسڪ)رحيم يار خان جي ڀنگ پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڦر دوران فائرنگ ۾ ٻه ڀائر مارجي ويا.پوليس اختيارين موجب، ڌاڙيل هڪ شهري کان موٽرسائيڪل ڦرڻ کان پوءِ فرار ٿي رهيا هئا. ان دوران مقامي رهواسين ۽ شڪي ماڻهن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته 8 سالن جو احمد ۽ 10 سالن جو شاهزيب فائرنگ ۾ مارجي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار فائرنگ کان پوءِ فرار ٿي ويا ۽ ڊي پي او واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.










