ذهن مان تصور ڪڍي ڇڏيو ته هاڻ ڪيس ملتوي ٿيندا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته هاڻي ڪيس ملتوي ٿي ويندا.هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي نه ڪرڻ تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي تصور کي هاڻي کان ڪڍي ڇڏيو،جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ريمارڪس ۾ اهو به چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تمام گهڻا ڪيس التوا ۾ آهن، ذهن مان اهو تصور ڪڍي ڇڏيندو ته ڪيسن ۾ تاريخون ڏنيون وينديون.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته هر صورت ۾ ڌرين کي هڪ تاريخ تي نوٽيس جاري ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن تي فيصلو ڪيو ويندو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن ڪيس ذريعي سڀني لاءِ اهو پيغام آهي ته ڪيسن ۾ التوا نه ٿيندو، ٻين عدالتن ۾ ائين ٿيندو آهي ته دستاويز جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ آخري عدالت آهي جتي سمورن ڪيسن جا فيصلا اڳ ئي رڪارڊ ڪيا ويندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو