دڙو ۾ ابڙال واسي ڳوٺاڻو گولي ھڻي قتل، لاش هٿ

دڙو ۾ ابڙال واسي ڳوٺاڻو گولي ھڻي قتل، لاش هٿ

دڙو (ن س) دڙي لڳ لائقپور شهر ڀرسان ابڙال واسي ڳوٺاڻو منھن ۾ گولي ھڻي بيدردي سان قتل، لاش هٿ، امڪاني رتوڇاڻ کي منھن ڏيڻ لاء ضلعي جي مختلف ٿاڻن کان 8 پوليس موبائيلون طلب، تفصيل موجب دڙي ويجهو لائقپور شهر جي ڳوٺ صالح محمد مگسي ڀرسان هڪ شخص جو منهن ۾ گولي لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي دڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي رورل هيلٿ سينٽر دڙو پهچايو، پوليس موجب مقتول جي کيسي مان هٿ آيل شناختي ڪارڊ ذريعي سندس سڃاڻپ ابڙال جي ڳوٺ جعفر چانڊيو واسي شاهنواز چانڊيو طور ڪئي وئي، واقعي بعد دڙو رورل ھيلٿ سينٽر تي چانڊيا برادري جا سوين ماڻھو پھچي ويا، عام چوُٻول آھن، قتل واقعو پراڻي دشمني جو تڪرار ٻڌايو وڃي ٿو، امڪاني رتوڇاڻ کي منھن ڏيڻ لاء سجاول ضلعي جي مختلف پوليس ٿاڻن کان 8 کان وڌيڪ پوليس موبائيلن ۾ سوار اھلڪارن کي طلب ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او ولي محمد چانگ ميڊيا کي ٻڌايو تہ مقتول جي منهن ۾ اک جي مٿان گولي لڳل آهي لڳي ٿو کيس گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد لاش کي لائقپور شهر ڀرسان ڦٽو ڪيو ويو آهي، ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ڳوٺاڻي جي قتل جي اعلي سطع تي جاچ ڪئي پئي وڃي، وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو