دهشتگرد حملي جي مذمت، پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون:آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پاڪستان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ انتوني بلنڪن چيو ته آمريڪا خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. انٿوني بلنڪن چيو آهي ته هو پاڪستان جي عوام سان گڏ بيٺا آهن ته جيئن ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته هو متاثرن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو