دبئي کان واپس ايندڙ عورت کان 6 ڪلو چاندي جا بسڪٽ هٿ

دبئي کان واپس ايندڙ عورت کان 6 ڪلو چاندي جا بسڪٽ هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪسٽمز ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڇاپي دوران دبئي کان پهتل هڪ عورت کان 6 ڪلوگرام چاندي جا بسڪٽ ضبط ڪيا آهن.ڪسٽم اختيارين موجب، هٿ ڪيل چاندي جي قيمت لڳ ڀڳ 70 لک رپيا آهي.چاندي ضبط ڪئي وئي آهي ۽ ڪسٽم ايڪٽ 1969 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪسٽم اختيارين طرفان عورت کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو