خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ٻيو صحافي شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري ۾ هڪ ٻيو صحافي شهيد ٿي ويو.عرب ميڊيا موجب صحافي رامي بدر خان يونس ۾ فيلڊ رپورٽنگ دوران اسرائيلي ڊرون حملي جو نشانو بڻيو.7 آڪٽوبر کان جاري نسل ڪشي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 18 هزار 900 ٿي ويو آهي جڏهن ته زخمي فلسطينين جو انگ 55 هزار کان وڌي ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب غزه ۾ فلسطيني مزاحمت ڪارن سان جهڙپ دوران هڪ ٻيو اسرائيلي فوجي مارجي ويو، مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو ڪل انگ 116 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو