اسرائيلي بمباري ۾ ٻارن سميت 26 فلسطيني شهيد

غزه (ويب ڊيسڪ)غزه جي ڏاکڻي علائقي خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري ۾ ٻارن سميت 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا.پرڏيهي خابرو اداري وفا موجب اسرائيلي جنگي جهازن خان يونس جي اتر اولهه ۾ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ٻارن سميت 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.ميڊيا رپورٽن موجب اتر غزا ۾ جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي تازي هوائي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ ٻئي حملي ۾ ڏکڻ غزا ۾ رفح جي اوڀر ۾ هڪ گهر کي نشانو بڻايو ويو.واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان غزه تي اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 12 هزار تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ 5 هزار ٻار ۽ 3 هزار عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 30 هزار کان وڌيڪ آهي.ميڊيا ذريعن موجب 1800 ٻارن سميت 4 هزار فلسطيني لاپتا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻجڻ جو خدشو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو