اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 ڪيسن ۾ ضمانت واريون درخواستون رد ڪرڻ واري ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين انهن ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جون 9 درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورين درخواستن تي لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ڪئي ويندي.
