خانپورمهر ۾ پراڻي  تڪرار تان ٽي ڄڻا قتل

خانپورمهر ۾ پراڻي تڪرار تان ٽي ڄڻا قتل

خانپور مهر(رپورٽر) خانپورمهر ويجهو گڏاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان ٽي ڄڻا قتل. علائقي خوف واري صورتحال. ڌرين ۾ ڇڪتاڻ . خبرموجب خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ناڙي گڏاڻي لڳ گڏاڻي برادري ٻن ڌرين وچ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب 40 سالن جو ناڙي گڏاڻي ۽20 ورهين جو ظفر گڏاڻي ٿڏي تي مارجي ويا.جڏهن ته ٻنهي ڄڻن لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي هنڌ پيل رهيا، هوڏانهن ٻن ڄڻن جي قتل جي پلاند ۾ مبينا طور هٿياربندن جي فائرنگ 50 ورهين جو غلام مصطفي گڏاڻي پڻ قتل ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل ٻن ڄڻن ناڙي گڏاڻي ۽20 ورهين ظفر گڏاڻي جا لاش کڻائي تعلقي اسپتال شيخ همدان بن محمد اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ٻن مقتولن لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. جڏهن ته پلاند م مارجي ويل غلام مصطفي گڏاڻي جو لاش به تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،خانپورمهر پوليس موجب ڌرين وچ م سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن ٽن ڄڻن قتل بعد ڌرين وچ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي جڏهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو