حيدرآباد، اسپتال ۾ ذهني مريض جو حملو، وارڊ انچارج زخمي

حيدرآباد، اسپتال ۾ ذهني مريض جو حملو، وارڊ انچارج زخمي

حيدرآباد (ن س )حيدرآباد جي اسپتال ۾ ذهني مريض حملو ڪري وارڊ انچارج کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. گدو اسپتال ۾ ذهني مريض ابراهيم پراٺو نه ڏيڻ تي وارڊ انچارج دلشاد آرائين تي حملو ڪري کيس زخمي ڪري وڌو. ذهني مريض جي حملي ۾ وارڊ انچارج جو هٿ ڀڄي پيو آهي. زخمي وارڊ انچارج دلشاد آرائين ٻڌايو ته اسپتال ۾ اسٽاف گهٽ هئڻ سبب هڪ ماڻهو ٻه ٻه ڊيوٽيون پيو ڪري. هن چيو ته اسپتال ۾ خطرناڪ مريض داخل آهن جيڪي هر روز اسٽاف تي حملا ڪندا رهندا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو