ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا سانحي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حماد صديقي جو پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا فيڪٽري سانحي سميت 3 ڪيسن ۾ مفرور جوابدارن جي واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران عدالت مفرور جوابدارن کي واپس آڻڻ لاءِ ڪوششون نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته حمادصديقي کي وطن واپس آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ ان تي گهرو سيڪريٽري چيو ته حماد صادق 2017 ۾ ابوظهبي روانو ٿي چڪو آهي. ان تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته حماد صديقي ڪيس جي ٽرائل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ابوظهبي روانو ٿي ويو هو؟گهرو سيڪريٽري چيو ته حماد صديقي 2013 ۾ پاڪستان ڇڏي ويو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا حماد صديقي جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا؟ ان تي گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته حماد صديقي جو پاسپورٽ ختم ٿي چڪو آهي. عدالت حماد صديقي، تقي حيدر شاهه، خرم نثار جا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته حماد صديقي جي پاڪستان ۾ آخري لينڊنگ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن. عدالت مفرور جوابدارن تقي حيدر ۽ خرم نثار بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کان سڄي صوبي ۾ مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي لسٽ به طلب ڪري ورتي. عدالت غير حاضري تي پرڏيهي سيڪريٽري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا ۽ پرڏيهي سيڪريٽري کان 2 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.
