ٽوڙ ڦوڙڪيس، پرويز الاهي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات پرويز الاهي خلاف جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پوليس اڳوڻي وڏي وزير کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران پرويز الاهي روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته ڪالهه مون کي اسلام آباد کان واپس لاهور وٺي ويا، منهنجي گهر وارن سان به ملاقات نه ڪئي.اي ٽي سي جي جج پڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهي جي زندگي ڪڏهن ختم ٿيندي؟ وڪيل صفائي موقف اختيار ڪيو ته هو ڪڏهن هڪ شهر ۾ ۽ ڪڏهن ٻئي شهر ۾ آهن، اهو ڪهڙو معاملو آهي؟ جاچ آفيسر چيو ته جڊيشل ڪمپليڪس جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل آهي.ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن پنجاب پرويز الاهي جي عبوري رمانڊ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت پي ٽي آءِ صدر کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ سندس هڪ ڏينهن جو عبوري رمانڊ به منظور ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو