جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي حق ۾ 5 قراردادون منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطين جي حق ۾ 5 ٺهراءُ پاس ڪيا.فلسطيني پناهگيرن جي مدد جي حق ۾ ٺهراءُ کي 168 ملڪن جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته آمريڪا سميت 10 ملڪ غير حاضر رهيا.فلسطين ۾ امدادي ڪاررواين بابت گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جي قرارداد 165 ووٽن سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته فلسطيني پناهگيرن جي اثاثن جي تحفظ بابت قرارداد کي 163 ملڪن جي حمايت حاصل آهي.فلسطيني سرزمين ۾ يهودي آبادڪارن جي آبادڪاري خلاف قرارداد 149 ووٽن سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته فلسطينين جي حقن خلاف اسرائيلي ڪاررواين جي جاچ واري قرارداد کي 86 ووٽ مليا.75 ملڪن شرڪت نه ڪئي ۽ 12 فلسطينين جي حقن خلاف اسرائيلي عملن جي جاچ جي قرارداد جي مخالفت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو